تذڪره معيار سالڪان طريقت

تذڪره معيار سالڪان طريقت

تذڪره معيار سالڪان طريقت

تذڪره معيار سالڪان طريقت (ڪتاب ):فارسي ٻوليءَ جو هي مستند تذڪرو سنڌ جي نامور مورخ، شاعر، اديب، تاريخ گو ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽويءَ 1202هه/ 1787ع ۾ تاليف ڪيو. مؤلف اصل مسودو تيار ڪري، ان جو نالو ”معيار سالڪان طريقت“ رکيو ۽ پنهنجو نالو ”علي شير قانع شيرازي الحسيني الٺٽوي“ ڄاڻايو آهي. مؤلف مقدمي ۾ ئي قطعه تاريخ چئي آهي، جنهن جي آخري مصرع جي لفظن ”معيار سالڪان طريقت“ مان سال تصنيف 1202هه ڪڍيو ويو آهي. هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ 1199هه / 1784ع ۾، جڏهن ٽالپرن سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ته ٽالپرن طرفان سنڌ جو پهريون حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر هو. هن جي عهد ۾ مير قانع هي تذڪرو 1202هه /1787ع ۾ تصنيف ڪيو ۽ پاڻ 1203 هه/ 1788ع ۾ وفات ڪيائين. مؤلف مقدمي کان پوءِ تذڪري کي تيرهن بابن ۾ ورهايو آهي. هر باب ۾ مختلف بزرگ هستين جو ذڪر آهي، پهرئين باب ۾ 103، ٻئي باب ۾ 97، ٽئين باب ۾ 189، چوٿين باب ۾ 172، پنجين باب ۾ 86، ڇهين باب ۾ 223، ستين باب ۾ 105، اٺين باب ۾ 142، نائين باب ۾ 137، ڏهين باب ۾ 131، يارهين باب ۾ 122، ٻارهين باب ۾ 132 ۽ آخري باب ۾ 121 شخصيتن جو ذڪر موجود آهي. هن سڄي ڪتاب ۾ اوليائن، امامن، پيرن ۽ مشائخن کي ملائي ڪل 1760 هستين جو ذڪر آهي. ان کان علاوه مختلف بابن ۾ مؤلف ڪجهه خانوادن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. جن ۾ خانواده ڪرخيان، اڌميان، عياضيان، طيوريان، سهروردي، طرطوسي، هبيريان، مازندران، شوستر، اصفهان، قزوين ۽ چشتيان جو ذڪر به لاجواب آهي. هي مستند تذڪرو ڊاڪٽر سيد خضر نو شاهيءَ مرتب ڪيو آهي، جنهن کي مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان ۽ اداره معارف نوشاهيه گڏجي 2001ع ۾ ڇپايو آهي. هن ڊبل ڪرائون سائيز واري ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي ۽ 870 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو